اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيرا??ظم شهباز شريف جي هدايت تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جي لابي ۾ تصويري نمائش منعقد ڪئي آهي جن??ن ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ تازي ٻو?? سان ٿيندڙ تباهي کي ڏيکاريو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها نمائش هلندڙ هفتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس د??ران جاري رهندي. هن چيو ته ٻو?? سان ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان تصويرون گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ لابي ۾ اڄ لڳايون پيون وڃن.