اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان دنيا لاءِ مثال آهي، پاڪستان کي هن وقت عالمي ا??داد جي ضرورت آهي، جيترو وڌيڪ ۽ جلدي پاڪستان جي معاونت ٿيندي ا?? ئي رفتار سان اسان وڌيڪ انساني حياتيون بچائڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. جنيوا ۾ گڏيل قومن ۽ پاڪستان جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش اپيل جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ا??ان کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي برسات سبب جيڪا تباهي ٿي آهي ا??ا دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. موسمياتي تبديلين جي تمام وڏي قيمت پاڪستان کي ادا ڪرڻي پئي جڏهن ته ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نيڪال ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، جڏهن ته انهن تبديلين سبب متاثر ٿيل ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان شامل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي فنڊ ۾ پاڪستان کي ا?? جو حصو ڏنو وڃي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ۾ هن سال جون کان وٺي سيپٽمبر تائين لڳاتار برساتون پيون ۽ اها هڪ غيرمعمولي صورتحال هئي. روائتي طور پاڪستان ۾ درياهن ۾ چاڙهه جي ڪري ٻوڏ ايندي رهندي آهي جڏهن ته هن ڀيري ا??ا تباهي غيرمعمولي برساتن جي صورت ۾ آسمان مان نازل ٿي، ڪجهه علائقن ۾ لڳاتار برسات پوندي رهي ج??هن ڪري ملڪ ۾ رستن، ريلوي ٽريڪس ۽ بنيادي ڍانچي کي تمام گهڻو نقصان پهتو. هڪ اندازي مطابق جن علائقن ۾ 50 سيڪڙووڌيڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي اتي 700 کان وٺي 1700 سيڪڙو تائين وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته لڳاتار برساتن جي ڪري ا??تظاميه هيليڪاپٽرن ذريعي به امداد نه پهچائي سگهي. هن وقت به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي ج??ئن ئي پاڻي گهٽجندو انهن علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي ج??ن سرگرميون شروع ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته نئين سر تعمير ۽ بحالي ج?? ڪم هڪ يا ٻن مهينن ۾ نه پر ان ۾ هڪ سال کان وڌيڪ ع??صو لڳي سگهي ٿو. پاڪستان گڏيل قومن ۽ امداد ڏيندڙ ادارن نقصان جي شدت جو اندازو لڳايو آهي. پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي.