اسلام آبا?? – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين اتفاق ڪيو آهي ته حڪومت جون سموريون اتحادي ??ارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته حڪومت جون سموريون اتحادي ??ارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون. ملاقات دوران مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي هر مشڪل حالتن ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر ??عظ?? نذير تارڙ، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري س??لڪ حسين ۽ وزير??عظ?? جا خاص معاونين ملڪ احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.