اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ کي سيڪيورٽي ٿريٽ رڳو فارن فنڊيڊ ايبسليوٽلي فراڊ فتني کان آهي، هاڻي خوشحالي رڳو ان جي ق??نو?? جي پڪڙ ۾ اچڻ ??ان ئي ايندي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ذميواري واقعي عمران نيازي جي هئي پر حڪمراني بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي وٽ هئي. اڌ پاور ??ان ملڪ کي ڦريندڙ جو اهو عالم آهي، پوري ملي وڃي ها ته الله ئي حافظ هو. هن چيو ته عمران خان اڌ پاور ??ان ملڪي مفاد ??ان کيڏيو، غلط ۽ صحيح جي فڪر نه ڪندي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ چالون هليون، خدا نه ڪري کيس پورو پاور ملي وڃي ها ته ملڪ جو ڇا ٿئي ها؟ هن چيو ته عمران نيازي وٽ اڌ پاور هو ۽ حڪمراني نه هئي ته چار سال ڇو نه ٻڌايو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي پوري پاور کي سياسي مخالفن جي خلاف پنهنجي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته عمران خان اڌ پاور ??ان توشه خانه کي ڦريو، اڌ پاور ??ان غيرق??نو??ي فارن فنڊنگ ورتي، ڪشمير جو س??دو ڪيو، ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو. هن چيو ته ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو س??ڪيورٽي ٿريٽ فارن فنڊيڊ فتنو ۽ فراڊ آهي جنهن ملڪي سيڪيورٽي ۽ قومي مفادن ??ان سنگين راند کيڏي.