آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار، ??وانائي ۽ رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ رابطن جي فروغ ۽ اعتمادسازي جي قدمن ”سيڪا“ جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ٿيو. وزي??اع??م تاجڪستان جي صدر کي ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ حڪومت پاران شروع ڪيل بحالي جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. هن ماحولياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتن جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر امام علي رحمان کيس ان سلسلي ۾ تاجڪستان پاران مسلسل تعاون جي خاطري ڪرائي جنهن ۾ ٻوڏ بابت ضروري امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اضافي قافلي جي روانگي پڻ شامل آهي. وزي??اع??م گذريل مهيني ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي تاجڪ صدر سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ مسلسل وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي رابطن، بين الپارلياماني رابطن ۽ ٽيڪنيڪي سطح جي ملاقاتن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ٺوس تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. وزي??اع??م توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جيڪو وچ ايشيا سان مستقبل ۾ توانائي جي لنگهه جو مرڪز هوندو. وزي??اع??م خطي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي روڊ ٽرانسپورٽ ۽ فضائي رابطن جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو. هن تاجڪستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن تائين پهچ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر اقتصادي تعاون خاص طور تي واپار، ??وانائي ۽ زميني ۽ فضائي رابطي جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.