اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل عرب امارات سان ٺوس اقصادي حصيداري جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات سان اقتصادي سفارتڪاري ۽ سيرپڪاري جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ک?? ان جي موجوده سطح 10.6 بلين ڊالر کان وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات ۾ پاڪس??ان جي نامزد سفير فيصل نياز ترمذي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ت?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي، واپار، صنعت، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع ام??ان موجود آهن. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستاني هڪ اثاثو آهن ۽ بنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو 22 – 2021ع ۾ 5.814 بلين ڊالر رهيو جنهن پاڪس??ان کي پنهنجي پرڏيهي ناڻي جي ضرورتن کي پورو ڪر?? ۾ ??مام گهڻي مدد ڪئي. صدر عارف علوي پاڪس??ان ۾ بوڏ سٽيلن جي امداد تي گڏيل عرب امارات جي حڪومت جا ٿورا مڃيا، گڏيل عرب امارات مان 57 امدادي اڏامون ۽ 2 سامونڊي جهاز امدادي سامان کڻي پاڪس??ان پهچي چڪا آهن. هن ايف اي ٽي ايف ۽ آءِ ايم ايف ۾ گڏيل عرب امارات پاران پاڪس??ان جي حمايت سان گڏوگڏ پاڪس??ان جي ليڪويڊيٽي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ جي لاءِ 2 بلين ڊالر فراهم ڪرڻ جي قدم کي پڻ ساراهيو. گڏيل عرب امارات پاران پاڪس??ان ۾ 2.9 بلين ڊالر جي سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ ان سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر نامزد سفير ک?? چيو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پاڪس??ان جي آن لائين اعليٰ تعليمي ادارن بشمول علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي سان ڊيجيٽل رابطو پيدا ڪري ته جيئن انهن جي ڊيجيٽل صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ۽ ان جي مهارتن جي فروغ جي لاءِ اعليٰ ڪورسز پڻ شروع ڪيا وڃن جنهن سان انهن جي آمدني کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ان سلسلي ۾ هن خاص طور تي وزيراعظم جي ڊيجيٽل مهارتن جي تربيتي پروگرام تي روشني وڌي. صدر نامزد سفير ک?? هندستاني معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن ۽ هندوتوا بالادستي جي نظرين جن سان اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي زندگين کي خطري بابت گڏيل عرب امارات جي قيادت کي آگاهي ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.