اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي آزادي جي ج??وجهد جلد ڪاميابي سان ه??ڪنار ٿيندي، 75 سال اڳ ڪشميري عوام آزادي جي ج??وجهد ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو سنگ بنياد رکيو. 75 هين ڪشمير تاسيس ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاران انساني حقن جي پائمالي جو نوٽيس وٺي. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت ڪڌي حربن سان گهڻي دير پنهنجو غيرقانوني قبضو ??ائم نه ٿو رکي سگهي. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشميري عوام جو عزم ۽ حوصلا ڪمزور نه ٿا ??ري سگهن. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته اسان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ج??ئز خودمختياري جي مقصد جي ج??وجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون.