اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وف??قي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبن کي شروع ڪرڻ ۾ پرعزم آهي. ايم ايل ون پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي وڏا اقتصادي اثر ڇڏيندو. هن اهڙو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي ڳالهيون ٿيون جيڪي وزيراعظم شهباز شريف جي هاڻوڪي چين واري دوري دوران پيش ڪيا ويندا. انهن منصوبن تي ايم او يو ايس صحيحيون ٿينديون. ان موقعي تي وف??قي وزير سي پيڪ جي ڪيترن ئي منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان ڳالهه ??و عزم ورجاي?? ته حڪومت انهن منصوبن خاص طور تي ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪي سي آر منصوبن کي شروع ڪرڻ تي پرعزم آهي. وف??قي وزير ايم ايل ون ۽ ڪي سي آر منصوبن جي اهميت تي روشني وڌي جيڪي هڪ اسٽريٽجڪ پروجيڪٽس سمجهيا وڃن ٿا. وف??قي وزير چي?? ته ان سلسلي ۾ سموريون ڪارروائيون مڪمل ڪيون ويون آهن، جن ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي منظوري پڻ شامل آهي. وف??قي وزير چي?? ته ايم ايل ون سان پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي اقتصادي اثر پوندا. وف??قي وزير مختلف شعبن جهڙوڪ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، ثقافت ۽ ٻين ڪيترن ئي منصوبن جي اهميت تي زور ڀريو. جيڪي پهرين نومبر تي وزيراعظم جي چين جي دوري دوران اٿاريا ويندا ۽ مختلف منصوبن تي ايم او يو ايس صحيحيون ٿينديون. چيني سفير حڪومت خاص ڪري منصوبابندي ، ترقي ۽ سڌارن واري وف??قي وزير جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.