اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر افغان عبوري حڪومت جي پرڏيهي وز??ر امير خان متقي سان افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ ملاقات ڪئي جن??ن ۾ سياسي معاملن تي مشاورت ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ تعليم، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ سماجي، اقتصادي منصوبن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.