اسلام آباد– 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سربيا جي وچ م ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صنعت ۽ واپار، قا??ل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا ڪيترائي موقعا موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سربيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير علي حيدر الطاف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ سربيا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي امڪانن مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نامزد سفير ڪاروباري ۽ واپاري ??اب??ا قا??م ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ڪوشش ڪري. ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جو سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دورن جو ا??گ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري جڏهن ته اعليٰ فني تعليم، آءِ ٽي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول آهي، پاڪستان ۽ سربيا جي وچ ۾ صنعت ۽ واپار، قا??ل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعان جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، اسلام آباد ۾ سربيا جو مشن کلڻ سان ڪاروبار ۽ عوامي ??اب??ن ۾ آساني ٿيندي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي علي حيدر الطاف کي سربيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستاني مشن جي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪندو.