اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪريٽري ٽو پرائيم منسٽر ڊاڪٽر سيد توقير شاهه جي رهائشگاهه ت?? ويو ۽ سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ??و اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحومه جي لاءِ فاتحه خواني ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.