اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي انقلابي قدم سان درآمدي بل کي گهٽ ڪ??ڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، بجلي جي مقامي ۽ قابل تجديد ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ سان توانائي جي تحفظ جي معاملي ۾ ملڪ پاڻڀرو ٿ??ندو ۽ عام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪري سگهبو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم چيو ته حڪومت سولرائيزيشن جي منصوبي جي پهرين قدم جي طور تي اپريل 2023ع تائين سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان انقلابي قدم سان توانائي جي درآمدي بل کي گهٽ ڪ??ڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وز??را??ظم چيو ته وفاقي سيڪريٽرين سان ملاقات ۾ هن سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ فع??ل قيادت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ان حوالي سان پوري عمل جي شفافيت، پري ڪواليفيڪيشن ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ يقيني بڻائي ويندي، اسان سرڪاري ملازمن جي محنت جو اعتراف ڪنداسين. وز??را??ظم چيو ته درآمدي توانائي جي لاڳت اٽڪل 27 بلين ڊالر ساليانو آهي، ان تي دارومدار غيرپائيدار آهي. هن چيو ته بجلي جي مقامي ۽ قابل تجديد ذريعن مان فائدو کڻڻ تي حڪومت جي ڌيان سان توانائي جي تحفظ جي معاملي ۾ ملڪ کي پاڻڀرو بڻائڻ ۽ عام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.