اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف م??اش??ي ۾ عورتن جي شاندار ڪردار تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انساني حقن ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان سرگرم ڪارڪ?? عائشه صديقه جهڙيُون نوجوان پاڪستاني ڇوڪريون ملڪ جي روشن مستقبل جي لاءِ اميد جو ڪرڻو آهن. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عائشه صديقه پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي دنيا کي هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنج?? جدوجهد جي ذريعي م??اش??ي ۾ متحرڪ ۽ فعال ڪردار ادا ڪندڙ عورتون اميد جو ڪرڻو ۽ روشن مستقبل جي نويد آهن. واضح رهي ته 24 سالا عائشه صديقه جي خدمتن جي اعتراف ۾ ٽائيم ميگزين کيس ”هلندڙ سال جي عورت“ قرار ڏنو آهي.