راولپنڊي – 09 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمين?? عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري خصوصي ما??هن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏيل ڪوششن سان ڇاتيءَ جي ڪينسر جي خلاف آگاهي ۾ خاطرخواهه ڪاميابي ملي، ڪنهن به ملڪ جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ واپاري برادري وڏي اهميت رکندي آهي، بريسٽ ڪينسر جي حوالي سان ميڊيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر خلاف ٿيندڙ آگاهي سيشن کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. بيگم ثمين?? عارف علوي چيو ته عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو فروغ وقت جي ضرورت آهي ڇو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت سر تشخيص ۽ علاج سان ان موذي مرض کان بچي سگهجي ٿو. عورتن کي گهرجي ته جسم ۾ ڪنهن به غ??رمعمولي تبديلي جي صورت ۾ فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن. وومين امپاورمينٽ هڪ خوش آئنده عمل آهي، جيڪو جاري رهڻ گهرجي. هن چيو ته آگاهي سان بريسٽ ڪينسر کان بچاءُ جا امڪان 90 سيڪڙو هوندو آهي، ڏورانهن علائقن ۾ به بريسٽ ڪينسر جي تشخيص جي سهولت جي دستيابي کي يقيني بڻائڻو پوندو. بيگم ثمين?? عارف علوي خصوصي ما??هو معاشري جو ??هم حصو آهن ۽ اسان جي ڌيان جا مستحق آهن، حڪومتي سطح تي خصوصي ما??هن جي بحالي جا قدم کنيا پيا وڃن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خصوصي ما??هن جي بحالي، ڀلائي ۽ انهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ معاشري جي سڀني طبقن خاص طور تي واپاري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري. نجي شعبو ۽ اين جي اوز به خصوصي ما??هن جي لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪري. حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ خصوصي ما??هن کي به پاڻڀرو ڪرڻ بابت سنجيده قدم کڻي رهي آهي. خصوصي ما??هن کي قرض جي فراهمي سان گڏوگڏ انهن جي مالي معاونت جو ??لسلو به جاري آهي. پاڪستان دنيا جو ??وبصورت ترين ملڪ آهي، نوجوانن کي گهرجي ته پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي ملڪ ۽ قوم کي فائدو پهچائين. گڏيل ڪوششن سان ذهني صحت، مختلف قسمن جي جسماني معذوري ۽ بريسٽ ڪينسر جي بچاءُ جي حوالي سان ڪم ڪري سگهجي ٿو.