اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏي??هن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ ت??ڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي وزيراعظم کي ترڪيه روانو ٿيڻ وقت رخصت ڪيو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ان جي تازي صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر چوندجڻ تي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪيه جو د??رو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم ترڪيه ۾ ت??ڪ سيڙپڪارن ۽ بزنس ڪميونٽي سان پڻ ملاقاتون ڪندو.