مڪه مڪرمه _ 27 جون (اي پي پي ) پن??اب جي نگران وزيراعلى سيد محسن نقوي ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير طلحه محمود سان منى ۾ ملاقا?? ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهن اڳواڻن پاڪستاني حاجين متعلق ڳالهيون ڪيون . وفاقي وزير طلحه محمود ۽ پن??اب جي وزير اعلى پاڪستاني حاجين سان ملاقات به ڪئي ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا . ان موقعي تي پن??اب جي نگران وزيراعلى محسن نقوي چيو ته حج مسلمانن جو سڀ کان وڏو فرض آهي . سڄي دنيا جا مسلمان ان مقدس ڏينهن جو انتظار ڪ??دا آهن . حج دوران حاجين جي خدمت ڪرڻ به ڪنهن عبادت کان گهٽ ناهي . وفاقي وزير طلحه محم??د چيو ته حاجين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عوام ۾ موجود آهيان . پاڪستاني حاجين جي خدمت اسان جي اولين ترجيع آهي .