اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتحادي حڪومت جي فور آر فريم ورڪ تحت ٻ??ڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن گذريل ڏينهن ع??لم?? پارٽنرز سپورٽ گروپ جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري بحالي ۽ نئين سر تعمير جو جائزو ورتو ويو. گروپ جو اجلاس جيڪو جنيوا ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس کانپوءِ جوڙيو ويو هو، ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي هڪ سال جي موقعي ??ي منعقد ڪيو ويو. ان ٻوڏ پاڪستان کي وڏو نقصان پهچايو. وزيراعظم چ??و ته پنهنجي تقرير ۾ مون ريزيليئنٽ، ريڪوري، ري هيبلي ٽيشن اينڊ ري ڪنسٽرڪشن فريم ورڪ (فور آر ايف) تحت ٻ??هر بهتر بڻائڻ جي لاءِ مخلوط حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مون سڀني ع??لم?? ترقياتي عطيو ڏيندڙن، حصيدارن ۽ دوست ملڪن کي انهن جي وقت سر ۽ فراخدلاڻي امداد تي ساراهيو ۽ انهن کي ع??لم?? شهرت جي ٽئين ڌر جي ذريعي ??ڊٽ ڪندڙ غيرملڪي امداد جي شفاف ۽ موثر استعمال جو يقين ڏياريو. هن چيو ته آئون يو اين ڊي پي جا پڻ ٿورا مڃان ٿو جنهن حڪومت ۽ ع??لم?? برادري جي وچ ۾ بهترين هم آهنگي ۽ تعاون جو مظاهرو ڪيو.