اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ??ري?? اورنگزيب چيو آهي ته اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان پنهنجو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستا?? جي پهرين ميوزڪ پاليسي جاري ڪرڻ تي خوشي آهي. وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن 9 آگسٽ تي پنهنجي الوداعي اجلاس ۾ ميوزڪ پاليسي جي منظوري ڏني. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ميوزڪ پاليسي جون نمايان خصوصيتون پاڪستا?? جي موسيقي جي عظيم ورثي جو تحفظ، موسيقي جي موجوده منظرنامي جي ترويج ۽ ترقي ۽ قانوني فريم ورڪ جي ذريعي ميوزيڪل ورڪ جو تحفظ شامل آهي، جيڪو فنڪار?? جي لاءِ استعمال ۾ آسان، لاڳو ڪرڻ ۾ جامع ۽ ٽيڪنيڪي ترقي موجب آڻ?? جي قابل آهي. ??ري?? اورنگزيب انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيا جن ان تاريخي پاليسي ۾ تعاون ڪيو، جن ۾ فنڪار، وڪيل ۽ اطلاعات واري وزارت جا عملدار شامل آهن. اڳوڻي وفاقي وزير ??ري?? اورنگز??ب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪابينا جا به ٿورا مڃيا جن ان پاليسي جي منظوري ڏني ۽ ان کي حقيقت بڻائڻ ۾ مدد ڪئي.