اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سنڌ جي نگ??ان وڏي وزير مقبول باقر ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي نگ??ان وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن ۽ نگ??ان حڪومت کي درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم سنڌ جي نگ??ان وڏي وزير کي انتظاميا معاملن کي موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ نگ??ان وزيراعظم ۽ نگ??ان وڏي وزير آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل تعاون ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو.