اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪرغزس??ان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ جمهوريه ڪرغز جي صدر ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ايران جي نائب صدر ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون. هو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل ۾ ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي جنهن جو بنيادي ڌيان سماجي ۽ اقصادي، واپاري ۽ مالياتي شعبن ۾ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته نگران پرڏيهي وزير جمهوريه ڪرغز جي صدر ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ايران جي نائب صدر ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون آهن. ترجمان چيو ته انهي مٽاسٽا ۾ ٻطرفي تعاون جي وسيع شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته نگران پرڏيهي وزير ڪالهه خميس ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران گڏيل اعتماد، خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل ويزن تي زور ڏيندي ”شنگهائي اسپرٽ“ جي لاءِ پاڪس??ان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اچ وڃ ۽ علائقائي رابطن، نوجوانن کي بااخت??ار بڻائڻ، غربت جي خاتمي، موسمياتي تبديلي ۽ آفتن مان ڇوٽڪاري ۾ علائقائي تعاون تي پاڪس??ان جي موقف جو خاڪو پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اڄ جي اجلاس جي پڄاڻي تي پاڪس??ان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي سربراهي 2024ع جي خزان موسم تائين سنڀاليندو. ترجمان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ اسان جو ڌيان رابطن کي وڌائڻ، ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي، نوجوانن کي بااخت??ار بڻائڻ، غربت جي خاتمي ۽ زراعت، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت اعليٰ امڪانن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت تي عملي تعاون تي رهندو.