اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ هڪ اتفاق راءِ وا??و ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي مذمت ڪندي ان عزم کي ورجايو و??و آهي ته ڪشميرين جي خودمختياري وا??ي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ج??ري رکنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ?? ڪامل علي آغا 27 آڪٽو??ر 1947ع تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي غاصباڻي قبضي جي مناسبت سان ڪ??ري ڏينهن جي موقعي تي قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو و??و ته هي ايوان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بي رحماڻي ڀارتي دهشتگردي، ڀارتي فورسز جي هٿان ۽ بيگناهه ڪشميرين جي قتل عام ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي شديد مذمت ڪري ٿو. قرارداد ۾ اهو پڻ چيو و??و ته هي ايوان انساني حقن وا??ي ڪميشن کان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي جائزي لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙيو وڃي. والاريل وا??ي ۾ ڀارت طرفان جعلي چونڊن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ڪشميرين کي سندن امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان راءِ جو حق ڏنو وڃي. قرارداد ۾ چيو و??و ته هي ايوان ڪشميرين جي خودمختياري وا??ي حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ج??ري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. ان کانپوءِ سينيٽ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ان ٺهراءُ جي ڪاپي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ملڪن جي پارليامينٽن ڏانهن موڪلي وڃي.