اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته علائقائي اخبارن ۽ صحافين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي لاءِ صحت ڪ??رڊ حاصل ڪرڻ کي آسان ۽ يقيني بڻايو ويندو. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي قيادت آر آءِ يو جي جي صدر سيد قيصر عباس شاهه ڪري رهيو هو. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پرنسپل انفارميشن آفيسر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ صحت ڪ??رڊ ۽ ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ جي درخواست ڪ??ي ۽ اخبارن جي مالڪن پا??ان ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي، صحافين ۽ ريجنل اخبارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان وفد کي خاطري ڪرائي ته ريجنل اخبارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي لاءِ صحت ڪ??رڊ حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻايو ويندو. هن چيو ته هو صحافين کي درپيش مسئ??ن جي حل لاءِ پنهنجي نگ??ان?? ۾ جامع پاليسي جوڙيندو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. وفد ۾ ملڪ رشيد، راحيل انور سواتي، ضرار ف??يد، عارف ملڪ، عم??ان مقصود ۽ مظفر ڀٽي پڻ شامل هئا.