اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سمورن ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو آهي ته اهي يونيورسٽي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ ??ن جي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي 49 هين خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ??ايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻين سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ??يو ته يونيورسٽي جي سينيٽ جا اجلاس باقاعدگي سان نه ٿي رهيا آهن. هن يونيورسٽي جي سمورين ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ معاملا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. صدر وقت سر فيصلا ڪرڻ جي لاءِ اهم عهدن تي مقررين جي ضرورت تي زور ڏنو. يونيورسٽي جي سينيٽ پروفيسر ڊاڪٽر روبينه مشتاق جي بطور وقتي وائيس چانسلر وفاقي اردو يونيورسٽي مقرري جي منظوري ڏني. ان موقعي تي وفاقي اردو يونيورسٽي جي باقاعده وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ سرچ ڪميٽ?? جوڙڻ تي پڻ غور ??يو ويو. اجلاس ۾ وائيس چانسلر جي مقرر?? جو عمل 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ??يو ويو. وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ وفاقي اردو يونيورسٽي آرڊيننس جي شقن جي ڏس ۾ انجمن ترقي اردو پاڪست??ن جي صدر جي سينيٽ ميمبر طور خدمتون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ??يو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ بي ضابطگين جي الزامن جي جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ڪميٽ?? جون سفارسون سينيٽ کي پيش ڪرڻ تي پڻ اتفاق ??يو ويو.