لاهور – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آه?? ته جلد سڃاڻپ جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت معاشري ۾ جيتري آگاهي ڦهلائينداسين ايترو ئي عورتن کي ان خطرناڪ بيماري کان بچائي سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچاءُ جي آگاهي سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار جو انعقاد يونيورسٽي آف لاهور ۽ صحت جي عا??مي اداري جي حصيداري سان ڪيو ويو. سيمينار ۾ پنجاب جي گورنر جي گهرواريءَ عائشه بليغ الرحمان، پنجاب جي صحت واري وزير پروفيسر ڊاڪ??ر جاويد اڪرم، پرنسپل اميرالدين ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر سردار ظفر الفريد، پرنسپل ڪانٽينينٽل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر عائشه شوڪت، پرنسپل فاطمه جناح ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر نورين اڪمل، ايم ايس پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ڊاڪٽر محسن علي شاهه، ڊاڪٽر زاهد پرويز، ڊاڪٽر شهلا جاويد اڪرم، صحت جي عا??مي اداري مان ڊاڪٽر مريم ملڪ سميت عورتن ۽ مردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. خاتون اول ثمينه عارف علوي انتهائي اهم موضوع تي آگاهي سيمينار منعقد ڪرڻ تي يونيورسٽي آف لاهور ۽ صحت جي عا??مي اداري جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر 9 عورتن مان هڪ عورت ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شڪار آه??، جلد سڃاڻپ ذريعي ان بيماري تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينارز منعقد ٿيڻ گهرجن. هتي ويٺل هر شخص جي پنهنجي ڀرپاسي رهندڙن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي ڦهلائڻ ذميواري آه??. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ عورتن جي موت ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر تمام وڏو سبب آه??، ٻار جي صحت جي لاءِ هر ماءُ کي پيدائش کانپوءِ ٻن سالن تائين پنهنجو کير پيارڻ گهرجي، ٻار کي کير پياريندڙ ماءُ کي ڪڏهن ڇاتيءَ جي ڪينسر نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته 40 سيڪڙو عورتون هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي نه هجڻ جي ڪري موت جي منهن ۾ هلي وڃن ٿيون جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون ان بيماري مان صحتياب ٿي رهيون آه??، اسان کي ان بابت سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آه??. خاتون اول چيو ته دير سان سڃاڻپ ٿيڻ سان بچڻ جا چانسز گهٽ ٿي وڃن ٿا ان جي لاءِ ضروري آه?? ته عورتون هر مهيني باقاعدگي سان پنهنجو معائنو پاڻ ڪن، جيڪڏهن اهي پنهنجي جسم ۾ ڪا تبديلي محسوس ڪن ته فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن، پنهنجي ڪٽنب کي اعتماد ۾ وٺن، ان ۾ شرم جي ڪا ڳالهه نه آه??. هن چيو ته عورتون شروعاتي علامتون ظاهر ٿيڻ جي باوجود ان کي لڪائي رکن ٿيون، تعليم جي کوٽ ۽ معاشرتي دٻاءُ جي ڪري اهي ان بيماري جو ڪنهن سان ذڪر نه ٿيون ڪن، تڪليف برداشت ڪري وٺن ٿيون ۽ پوءِ موت جي منهن ۾ هلي وڃن ٿيون. هن 40 سال کان وڌيڪ عمر جي عورتن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي ميموگرافي ضرور ڪرائين، ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ بيمار ٿيڻ سان گهر جا سمورا ماڻهو متاثر ٿين ٿا، ان لاءِ علاج ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪن، سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج جون سهولتون ميسر آه??، عورتون علاج ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪن، هن ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم هلائڻ تي ميڊيا، چيمبرز ۽ اين جي اوز جا ٿورا مڃيا جن جي ڪوششن سان بريسٽ ڪينسر ۾ مبتلا عورتون شروعاتي اسٽيج تي ئي طبي مرڪزن جو رخ ڪري رهيون آه??. سيل فون جي ذريعي ڪروڙين عورتن تائين پيغام پهچايا پيا وڃن جنهن جي ڪري ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ڪاميابي سان هلي رهي آه??. خاتون اول وڌيڪ چيو ته معاشري ۾ معذور ماڻهو به اسان جي خصوصي ڌيان جا مستحق آه?? اسان کي انهن بابت به سوچڻ گهرجي، ذهني مرضن جي حوالي سان خاتون اول چيو ته هر گهر ۾ اسٽريس آه?? فزيڪل هيلٿ سان گڏ مينٽل هيلٿ به ضروري آه?? ملڪ ۾ ذهني مرضن ۾ مبتلا ماڻهن کي ان بيماري کان بچاءُ جي لاءِ آگاهي سيشنز ڪرايا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ غيرملڪي طبي ماهرن جي پيشيواراڻي مهارت مان پڻ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. سيمينار کي پنجاب جي گورنر جي گهرواريءَ عائشه بليغ الرحمان، پنجاب جي صحت واري وزير پروفيسر ڊاڪ??ر جاويد اڪرم ۽ ٻين ڊاڪٽرز پڻ خطاب ڪيو.