اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري کي صوبي ۾ زر??ي ٽيوب و??لز جي لاءِ بجلي جي فر??همي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبادگارن جي ڀلائي رياست جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ زر??ي شعبي جي مسئلن ۽ صوبي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي مسئلي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيف سيڪريٽري بلوچستان کي صوبي ۾ زر??ي ٽيوب و??لز جي لاءِ بجلي جي فر??همي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم صوبائي انتظاميا کي بجلي جي فر??همي، آبپاشي ۽ آبادگارن جا ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته آبادگارن جي ڀلائي رياست جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي.