اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نگ??ان ڪابينا ۽ وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جي سمورن آفيسرن ۽ عملي جي تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيندي ??يو آهي ته منهنجي لاءِ پاڪستان ئي سڀ ڪجهه آهي، اسان کي پنهنجي گهر پاڪستان کي خوشحال ۽ مستحڪم بڻائڻو آهي، پاڪستان جي عوام ۾ بي پناهه صلاحيت آهي. نگ??ان وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي ڪابينا ۽ عملي جي ڀرپور معاونت کي ساراهيو. هن نگ??ان ڪابينا جي سمورن ساٿين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ??يو ته وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جي سمورن آفيسرن ۽ اسٽاف جي تعاون تي ٿورائتو آهيان. پرنسپل سيڪريٽري، ڊي ايم ايس ۽ ٻئي مددگار اسٽاف جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس ۽ وزارتن جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ۾ پرنسپل سيڪريٽري جو ڪردار انتهائي اهم رهي??. ڪ??بينا سيڪريٽري جنهن انداز ۾ ذميواريون سرانجام ڏنيون ان تي هو خراج تحسين جو مستحق آهي. ملٽري سيڪريٽري بهترين پيشيواراڻي انداز ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪيون. هن ??يو ته ڪابينا سيڪريٽري ۽ ٻين قابل بيوروڪريٽس جي موجودگي اسان جي لاءِ فخر جوڳو آهي. هن ??يو ته آئون خوش قسمت آهيان جنهن کي ملڪ جي خدمت جو موقعو مليو. مون کي پاڪستان سان محبت آهي. هن ??يو ته اسان پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ نمايان مقام ڏيارڻو آهي. پاڪستان بابا بلهي شاهه، شاهه عبداللطيف، خوشحال خان جي ڌرتي آهي، پاڪستان مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن جو مرڪز آهي جنهن جي پنهنجي منفرد سڃاڻپ آهي.