اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن کي ڪارائتو، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ کي ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جو دائرو ??ڌا??ڻ سان پاڪستاني حاجين کي سهولت ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي ??فير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران سندس وزيراعظم جي ??هدي تي ٻيهر چونڊ تي نيڪ خواهشن جي ??ظهار تي ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ خصوصي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جو سفير اهو پهريون غيرملڪي سفير آهي جيڪو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ساڻس ملاقات ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت جي ??رجيح پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هر آزمائش تي پورو لهندڙ ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ڌيان سعودي سيڙپڪاري کي پاڪستان ۾ منصوبن جي لاءِ راغب ڪرڻ تي رهندو. وزيراعظم ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ جو دائرو ??ڌا??ڻ تي سعودي عملدارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان پاڪستاني حاجين کي سهولت ملندي. وزيراعظم کي سعودي عرب جي ??وري جي ??عوت ڏيندي سعودي سفير وزيراعظم کي سعودي قيادت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن چيو ته سعودي عرب مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي ??عمير جي لاءِ سدائين قابل اعتماد حصيدار رهندو.