اسلام آ??اد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جو ٻيهر صدر چونڊجڻ ت?? چين جي صدر شي جن پنگ پاران مبارڪ??اد ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيند?? چيو آهي ته چين سان سدا بهار حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پ??ڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيني صدر پاران مبارڪ??اد واري پيغام تي صدر هڪ خط ۾ سندس ٿورا مڃيا. صدر آصف علي زرداري صدر شي جن پنگ کي خط جو جواب ڏيندي گڏيل عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ، سدا بهار حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ??لڪ?? جي مفاد جي لاءِ گڏيل ڪميونٽي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ چيني صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زردار?? چيو ته پاڪستان ۽ چين رڳو پاڙيسري نه پر مضبوط ڀاءُ آهن، ٻنهي ??لڪ?? پاڪ – چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سميت ٻطرفي تعاون جي مختلف شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. صدر چيو ته ٻئي ملڪ سدا بهار تعاون جي حصيداري جي ڪاميابي جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي اڻٿڪ حمايت سي پيڪ جي ترقي جي لاءِ لازمي رهندي، تاريخ پاڪستان ۽ چين کي هڪ منفرد رشتي ۾ ڳنڍيو آهي، سمورن عالمي مسئلن تي گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ گڏيل خيالن سان پاڪ – چين لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. صدر چين سان عملي تعاون وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ پاران پاڪ – چين دوستي طرف صدر زرداري جي عزم جي اعتراف کي پڻ ساراهيو.