اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ريڊيو پاڪستان جي سينئر نيوز ڪاسٽر تس??ين ظفر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي ب??ان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري مرحوم جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته تس??ين ظفر ريڊيو پاڪستان جو اثاثو هئي، ان جي لاڏاڻي تي پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. تس??ين ظفر مرحومه جون ريڊيو پاڪستان لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ف??مائي ۽ وارثن کي صبر عطا ف??مائي.