اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاوي جي نائب ??زيراعظم سائولوس شليما ??ي هوائي جهاز جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گه??يءَ ۾ هو ملاوي جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. وزيراعظم آنجهاني سائولوس شليما ??ي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار پڻ ڪيو.