آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم معيشت ۽ سلامتي ??ميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ??يص??ن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ماحوليات جي تحفظ بابت معاهدي تي ??حيحون پڻ ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي ??ستانه، قازقستان ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) اهم علائقائي ۽ عالمي سياسي، سيڪيورٽي ۽ اقت??اد?? مسئلن، چئلينجز ۽ اڳڀرائي تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪائونسل تعاون جي مختلف شعبن ۾ اٽڪل 20 ??يص??ن جي منظوري ڏني. آستانه پڌرنامي کي اختيار ڪرڻ کانسواءِ سي ايڇ ايس ٽن بيانن کي اختيار ڪيو جن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ صفائي، ويسٽ مئنيجمينٽ جو موثر انتظام ۽ سٺي پاڙيسري هجڻ جا اصول شامل آهن. ڪائونسل اقت??اد?? معاهدي تي ??يس سي او جي لاڳاپيل وزيرن پڻ صحيحون ڪيون. سي ايڇ ايس سربراهي اجلاس دوران پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ”شنگهائي اسپرٽ“ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهي. گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم گڏيل قومن جي مرڪزي هم آهنگي جي ڪردار ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پراڻي تڪرارن کي پرامن طريقن سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. وزيراعظم غزه جي صورتحال تي پاڪستان جي اصولي موقف کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي اهميت تي ??ور ڏنو. هن پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ کي ايس سي او جي پوري خطي جي لاءِ هڪ مثالي واپاري ۽ ٽرانزٽ حب جي طور تي پڻ اجاگر ڪيو. ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي چيئرمين جي طور پاڪستان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ايس سي او جي سمورن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم جاري رکندو.