ڪوئٽا -05 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير ??ير سرفراز بگٽي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن هندو انتهاپسند پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي ختم ڪندي ??شم??ر جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. هن يوم استحصال ??شم??ر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ??شم??ر تي ڀارتي ظلمن جو نه رڪجندڙ سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ لکين بيگناهه ??شم??رين کي شهيد ڪيو ويو. ڄمون ??شم??ر جي خاص حيثيت کي ختم ڪندي ??شم??رين جون زمينون ک??ي اتي انتهاپسند هندن کي آباد ڪيو پيو وڃي، مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ??شم??رين جي زندگين کي ڏکيو بڻايو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته عالمي برادري کي ڀارتي رياستي ادارن جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ??شم??رين کي سندن خودمختياري وارو حق ڏنو ڃي. وڏي وزير پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته هو يوم استحصال ??شم??ر تي پنهنجي ??شم??ري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن ۽ مظلوم ??شم??ري ڀائرن جو آواز بڻجن.