اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته جناح ميڊ??ڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان جي تياري، فني مدد ۽ طبي اوزارن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن، جناح ميڊ??ڪل ڪمپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ليس اسپتال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ جناح ميڊ??ڪل ڪمپليڪس تي جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته جناح ميڊ??ڪل ڪمپليڪس کي ٽرشري سطح جي جديد اسپتال بڻائي وڃي، جناح ميڊ??ڪل ڪمپليڪس ۾ پوري پاڪستان مان مريضن کي موجوده دور جي جديد گهرجن سان هم آهنگ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جناح ميڊ??ڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان جي تياري، فني معاونت ۽ طبي اوزارن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن. وزيراعظم چيو ته اسان پنجاب ۾ عالمي معيار جي پي ڪي ايل آءِ اسپتال ٺاهي، پي ڪي ايل آءِ تي سياست ڪري ان کي ??باهه ڪرڻ جي ڪڌي سازش ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته جناح ميڊ??ڪل ڪمپليڪس جي جلد تعمير جي لاءِ قدم يقيني بڻايا وڃن، جناح ميڊ??ڪل ڪمپليڪس جي تعمير ۾ تعاون تي آغا خان فائونڊيشن جي خاص طور تي ٿورائتا آهيون. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وا??ي وفاقي وزير احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي صحت وا??ي ڪوآرڊينيٽر مختار احمد ڀرت ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ??ناح ميڊ??ڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان ۽ منصوبي جي تعمير جي حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جناح ميڊ??ڪل ڪمپليڪس کي ٽرسٽ ٺاهيو ويندو جيڪو اسپتال جي انتظامي معاملن کي ڏسندو. ان ٽرسٽ جو پيٽرن ان چيف وزيراعظم هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان تي عالمي شهرت يافته آمريڪي ماهر ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آغا خان فائونڊيشن پڻ ڪمپليڪس جي حوالي سان فني معاونت فراهم ڪري رهي آهي. اجلاس کي منصوبي جي تعميري لاڳت ۽ مقرر مدي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جناح ميڊ??ڪل ڪمپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ليس اسپتال ٺاهي وڃي. وزيراعظم منصوبي ۾ شفافيت جي عنصر کي ??اص اهميت ڏيڻ ۽ منصوبي کي گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون.