اسلام آباد – 09 ??? آ??سٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جيولين ٿرو ارشد نديم کي پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آ??ي ته ارشد نديم پنهنجي محنت، لگن ۽ صلاحيت مان ثابت ڪري ڇڏيو آ??ي ته پاڪستاني رانديگر ڪنهن کان گهٽ نه آهن. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽي ارشد نديم تاريخ لکي ڇڏي آهي، سندس ڪاميابي هر پاڪستاني نوجوان جي لاءِ مشعل راهه آهي جنهن سان نوجوانن کي راندين جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جي ترغيب ملندي. وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم جي فتح پوري قوم جي فتح آهي، توهان کي منهنجي پاران ??کي?? مبارڪون هجن.