ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير ??حسن نقوي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان به وزيراعظم سان گڏ آهن. ڪوئيٽا ايئرپورٽ پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي بلوچستان جي وڏي وزير ??ير سرفراز بگٽي، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچ??زئ??، صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن آجيان ڪئي.