اسلا?? آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي فيڪ?? چيڪر سوشل ميڊيا تي 6 سيپٽمبر دفاع واري ڏهاڙي تي عا?? موڪل جي اعلان جي حوالي سان گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏنو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وزارت جي فيڪ?? چيڪر 6 سيپٽمبر دفاع واري ڏهاڙي تي عا?? موڪل بابت نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته جعلي خبرون ڦهلائڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي پر اهو ملڪ جي لاءِ به نقصانڪار آهي. اهڙي غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ هر هڪ جي ذميواري آهي.