اسلام آباد-19 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪفايت شعاري ۽ قومي پئسي جي ب??ت لاءِ اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تحت ا??ٽيشنري سميت ٻين اسمن ۾ 50 سيڪڙو ڪٽوتي جو فيصلو ڪيو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر جي هدايت تي ڪفايت شعاري مهم تحت ا??يمبلي سيڪريٽريٽ درپيش مالي چئليجز کي نظر ۾ رکندي خرچن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. عوامي پئسي جي ب??ت کي يقيني ب??ائڻ لاءِ سخت ڪفايت شعاري جا قدم کنيا ويا آهن جن جو مقصد قومي مفاد ۾ غير ضروري خرچن کي گهٽ ڪرڻ آهي. سيڪريٽريٽ سمورن آفيسرن ۽ شعبن کي ڪفايت شعار?? جي قدمن تي سختي سان ??مل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسٽيشنري اسمن ۽ ٻين شين جي محتاط استعمال کي يقيني ب??ائڻو پوندو.اسٽيشنري ۽ ٻين شين جي ڊمانڊ مهيني ۾ صرف هڪ دفعو لاڳاپيل 20 هين گريڊ يا ان کان مٿ?? جي آفيسر جي اجازت سان ڪئي ويندي. جوائنٽ سيڪريٽري (ايڊمن) ۽ ڊپٽي سيڪريٽري (ايڊمن) کي غير ضروري اسٽيشنر?? جي طلبي تي 50 سيڪڙو ڪٽوتي جو اختيار سونپيو ويو آهي. اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪاغذ کي ٻنهي طرفن کان استعمال ڪرڻ کي هر صورت ۾ يقيني ب??ايو وڃي. اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي استعمال نه ٿيل سرڪيولر کي ٻيهر استعمال ۾ آڻڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي. انهن سرڪيولرز جون فالتو ڪاپيون، جن ۾ خالي جڳهه هجي، ڊرافٽ تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن. آف سيٽ پيپر ۽ نوٽ شيٽ جو استعمال ڊرافٽ لکڻ لاءِ منع ٿيل هوندو. سرڪيولر ۾ آفيسن جا ٽيليفون محتاط نموني سان استعمال کي يقيني ب??ائڻ جي به هدايت ڪئي آهي. جن آفيسرن جي آفيس جي ٽيليفون تي ڪا حد مقرر ناهي اهي پنهنجي ٽيليفون جي استعمال کي گهٽ کان گهٽ ڪن. ٽيليفون جي غير ضروري بلن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٽيليفون جي غير ضروري استعمال ۾ گهٽتائي آڻڻ سان امڪاني حد تائين خرچن ۾ گهٽتائي ڪري سگهبي. اهي آفيسر جيڪي ٽيليفون جي استعمال جي مقرر حد رکن ٿا اهي پنهنجي آفيس جي ٽيليفون بلن ۾ گهٽتائي آڻين. ٽيليفون جي بلن ۾ گهٽتائي سان عوامي پئسي جي ب??ت ۽ قومي مفاد کي يقيني ب??ائي سگهبو. اسپيڪر قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي انهن قدمن تي سختي سان ??مل کي يقيني ب??ائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي آڻي ملڪ جي درپيش مالي مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.