اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين هر مشڪل وقت ۾ پا??ست??ن سان گڏ بيٺل رهيو آهي، چين ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ معاشي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار چيويافو جي چيئرمين جي قيادت ۾ روئي گروپ جي 9 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پا??ست??ن ۽ روئي گروپ جي وچ ۾ معاملا اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان اسلام آباد ۽ بيجنگ ۾ ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم جي تازي چين جي دوري کانپوءِ پا??ست??ن ۾ چيني سيڙپڪاري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ چين جو روئي گروپ پا??ست??ن ۾ عالمي معيار جا ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي چي?? ته چين پا??ست??ن جو اهڙو دوست ملڪ آهي جيڪو هر مشڪل وقت ۾ پا??ست??ن سان گڏ بيٺل رهيو آهي. چين ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ معاشي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چي?? ته روئي گروپ چين پا??ست??ن اقتصادي لنگهه تحت ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جو پهريون سيڙپڪار هو. وزيراعظم روئي گروپ جي پا??ست??ن جي ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان گه??ي دلچسپي کي ساراهيو. روئي گروپ جي چيئرمين چيويافو چي?? ته اسان سيڙپڪار جي حيثيت سان نه پر پا??ست??ن جي دوست جي حيثيت سان پا??ست??ن آيا آهيون. روئي گروپ جي چيئرمين وزيراعظم کي بطور پنجاب جي وڏي وزير جي دور ۾ تيز رفتار ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پنجاب ۽ شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هن ڀيري به ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ اها ئي رفتار ڏسڻ لاءِ ملندي. ان موقعي تي هن بريفنگ ڏيندي ٻڌاي?? ته روئي گروپ سنڌ صوبي ۽ پنجاب صوبي ۾ عالمي معيار جا ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو جنهن ۾ چين جي 100 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ويندي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس جو محور پا??ست??ن جو ٽيڪسٽائيل روانگي واپار وڌائڻ ۽ پا??ست??ن کي دنيا جو ٽيڪسٽئايل ۽ گارمينٽس حب بڻائڻ آهي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس ۾ شمسي توانائي جو استعمال ٿيندو ۽ اهي زيرو ڪاربن ۽ خودڪار جديد ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندا. انهن پارڪس سان پهرين مرحلي ۾ 2 ارب آمريڪي ??ال?? جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 5 ارب آمريڪي ??ال?? جي برآمدات متوقع آهي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس سان 3 لک کان 5 لک مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس جو سنگ بنياد هن سال جي آخر ۾ رکيو ويندو ۽ اهي ٽن سال جي مدي ۾ مڪمل ٿيندا. روئي گروپ ڪراچي ۽ لاهور ۾ هڪ هڪ هول سيل ڪموڊٽي مرڪز پڻ قائم ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي ۾ واپار وارو وفاقي وزير، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو نمائندو ۽ ظفرالدين محمود شامل هوندا. وزيراعظم سان وفد جي ملاقات کانپوءِ سيڙپڪاري بورڊ ۽ روئي شيڊونگ گروپ جي وچ ۾ پا??ست??ن ۾ جديد ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪرڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم پڻ شرڪت ڪئي.