نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ نيپ??ل جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون خاص طور تي واپاري، اقتصادي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي نيپ??ل جي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي سان ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪي پي شرما اولي کي نيپ??ل جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ۽ نيپ??ل جي وچ ۾ گهري ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستاني عوام پاران نيپ??ل جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون خاص طور تي واپاري، اقتصادي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم نيپ??ل جي وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو.