اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي 94هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي سعودي عرب سان تاريخي ۽ ڀائرا??ي لاڳاپن تي فخر آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ٽوئي?? ۾ ??زيراعظم چيو ته خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان سان گڏوگڏ سعودي عرب جي ڀائر عوام کي سعودي عرب جي 94هين قومي ڏينهن جي خوشي جي موقعي تي دل سان مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان کي سعودي عرب سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائرا??ي لاڳاپن تي فخر آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، اسان سعودي عرب جي عظيم قيادت جي ويزن تحت مثالي ترقي ۽ مسلمان امت ۽ دنيا ۾ اتحاد، امن ۽ هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ ان جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. الله رب العزت اسان جي سعودي ڀائرن ۽ ڀي??رن تي پنهنجون لامحدود رحمتون نازل فرمائي.