اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي، ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائ??ل جي وڌندڙ مهم جوئي جي شديد مذ??ت ڪري ٿو، شهري آبادين تي اسرائ??ل جي بي لگام حملن ۽ عالمي قانونن جي پائمالي ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري پڌرائي ۾ چيو آهي، ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان اسرائيلي فوج لبنان جي خودمختياري جي نا??اب?? قبول ڀڃڪڙي، شهري آبادي جي مرڪزن ک?? مسلسل نشانو بنائڻ، ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ ۾ مصروف آهي. پاڪستان اسرائ??ل جي جارحيت سبب متاثرن جي خاندانن ۽ لبنان جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو هن چيو ته لبنان ۾ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل کي قتل ڪرڻ جو گذريل ڏينهن اسرائ??ل جو غير محتاط عمل پهرين کان ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي ڪري ٿو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اسرا??يل کي خطي ۾ ان مهم جوئي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي کان روڪيو وڃي ۽ وچ اوڀر ۾ امن بحال ڪيو وڃي.