اسلام آباد- پهرين ??ڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بزرگن جو عالمي ڏهاڙو اڱاري ڏينهن ملها??و ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو بنيادي مقصد بزرگ ما??هن جي حقن، فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان آ??اهي فراهم ڪرڻ آهي. گڏيل ??وم?? جي انگن اکرن مطابق 2013ع ۾ سڄي دنيا ۾ بزرگن جو انگ 84 ڪروڙ 10 لک هو جڏهن ته 2050ع تائين ??ڄي دنيا ۾ اهو انگ 2 ارب تائين وڌي ويندو ۽ ان وقت هر 10 بزرگن مان 8 جو واسطو گهٽ ترقي يافته ملڪن سان هوندو. واضح رهي ته گڏيل ??وم?? جي جنرل اسيمبلي 14 سيپٽمبر 1990ع ۾ هر سال پهرين ??ڪٽوبر تي بزرگ ما??هن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي. جنهن بعد هر سال پهرين ??ڪٽوبر تي بزرگ ما??هن جو عالمي ڏينهن ملها??و ويندو آهي. بزرگن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ منعقد تقريبن ۾ بزرگن جي مسئلن، انهن جي حل ۽ فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان عوام ۾ شعور اجاگر ڪ??و ويو.