ماسڪو-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وف??قي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته گڏيل سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان ۽ روس جي واپاري لاڳ??پن کي ھٿي وٺرائڻ چاھيون ٿا.سيڙپڪاري ??ور?? پاران جاري پڌرائي مطابق وف??قي وزير ماسڪو ۾ پاڪ – روس بزنس فورم ۾ شر??ت ڪئي. فورم ۾ پاڪستان جي 60 ڪمپنين جي نمائندن پ?? شر??ت ڪئي. وف??قي وزير فورم جي پھرين ڏينھن بزنس سيشن کي خصوصي طور خطاب به ڪيو. وف??قي وزير فورم ۾ شر??ت دوران روس جي صنعت ۽ واپار واري وزير سان ملاقات کان علاوه ماسڪو ۾ روس جي واپاري برادري سان ملاقاتون پ?? ڪندو. ان موقعي تي وف??قي وزير عبدالعليم خان جي ماسڪو چيمبر آف ڪامرس ۽ بزنس ايسوسي ايشن جي نمائندن سان پ?? ملاقات ٿيندي. واضح رھي ته ھو پنھنجي ٽن ڏينھن واري دورو دوران روس جي ڪاروباري شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن سان وڌ کان وڌ ملاقاتون ڪندو. روس جي دوري ۽ فورم جي حوالي سان وف??قي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته روس جي دوري سان ٻنھي ملڪن جي ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي وڌيڪ ويجھو آڻڻ چاھيون ٿا. گڏيل سيڙپڪاري ۽ سھولتن سان گڏ روس ۽ پاڪستان جي ماتحت ڪاروبار کي ھٿي ڏيڻ ڇاھيون ٿا. عبدالعليم خان ماسڪو ۾ روس جي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري اختيارن سان پ?? ملاقاتون ڪندو جنھن سان پاڪ – روس واپاري لاڳ??پن کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي.