اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)مواصلات ۽ نجڪاري بابت وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن پاڪستان پوسٽل سروس جي ڪارڪردگي ۽ مالياتي ڊسيپلين ??ي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چ??و آهي ته پاڪستان پوسٽ کي بچائڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪرڻي پوندي. غير ضروري خرچ گهٽ ڪري سرڪاري ادارن کي پاڻ ڀرو ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فوڪل گروپ آف ڪميونيڪيشن اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس دوران وفاقي وزير پاڪستان پوسٽل سروس جي ڪارڪردگي ۽ مالياتي ڊسيپلن ??ي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ هفتي ۾ پوسٽل سروس لاءِ هنگامي بنيادن تي ??الياتي ??لان ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته اداري جون خالي آساميون ختم، روينيو ۾ اضافي لاءِ ٺوس تجويز ڏني وڃي. سستي ڇڏي رات ڏينهن محنت ڪرڻي پوندي. عبدالعليم خ??ن ڳالهائيندي چ??و ته جنهن اداري جا خرچ وڌيڪ ۽ آمدني گهٽ هوندي اهو نه هلي سگهندو، حڪومتي ??نڊز تي ڀاڙڻ بدران پنهنجا وسيلا پاڻ پيدا ڪرڻا پوندا، فنڊز ۾ اضافي لاءِ سڄي ملڪ ۾ جي پي اوز، پوسٽ آفيسن ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ ڪائونٽرز ٺاهيا وڃن. هن چيو ته غير ضروري خرچ گهٽ ڪري سرڪاري ادارن کي پاڻ ڀرو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن پاڪستان پوسٽ کي بچائڻ چاهيو ٿا ته آفيسرن کي سخت محنت ڪرڻي پوندي، پوسٽ آفيس جو روايتي ??ظام بدلجي چڪو آهي، هاڻي نئين گهرجن موجب ئي ڪم ڪرڻو هوندو. عبدالعليم خ??ن وزارت بابت اهم ٽاسڪ ڏيندي چ??و ته پاڪستان پوسٽ لاءِ مربوط پاليسي جوري وڃي. هن چيو ته مواصلات وارو وفاقي سيڪريٽري هڪ هفتي ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪري، مالياتي ??دف حاصل ڪرڻو هوندو. ان موقعي تي ??ختلف معاملن تي غور ويچار بعد سينيئر آفيسرن بريفنگ ڏني ۽ تجويزون پيش ڪيون.