راولپنڊي-04 نومبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا ??ي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ نه صرف صوبي پر ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ضروي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري طرفان ??نهنجي اعزاز ۾ ڏنل استقباليه کي خطاب دوران ڪيو. تقريب کي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي صدر ??ثمان شوڪت، اڳوڻي صدر ??رشد مشهدي، وومن چيمبر آف ڪامرس جي صدر قرة العين ۽ ٻين عهديدارن پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. گورنر چيو ته ڪي پي ڪي جي وچ ايشيا سان ??اپار جي ستن روٽن مان اسان کي فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته تاجڪستان بندر ??باس کان ??اپار ڪري ٿو، جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ گوادر ??ان ??و ڳنڍيل هجي ها ت?? ان کي گهٽ وقت ۾ عالمي مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ٿيندي ۽ اسان کي به معاشي فائدو ٿيندو. قيمتي پٿرن جي سڀ کان ??ڏي مارڪيٽ ڪي پي ڪي ۽ پشاور ۾ آهي، دنيا اسان سان ??اپار ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪي پي ڪي ۾ بدقسمتي سان امن امان جي صورتحال ان جي راهه ۾ رنڊڪ آهي. هن چيو ته پشاور ۽ گورنر هائوس جا دروازا سڄي ملڪ جي ڪاروباري طبقي لاءِ کُليل آهن، منهنجو سهڪار اوهان سان گڏ آهي. هن راولپنڊي وومن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ميمبرن کي دعوت ڏني ته هو ڪي پي ڪي وومن چيمبر آف ڪامرس سان سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪن، گورنر هائوس ان سلسلي ۾ اوهان جو ساٿ ڏيندو. هن چيو ته پشاور ۾ ايڪسپو سينٽر بڻائڻ جي حوالي سان ??ان ??اپار واري وزارت جو ٿورائتو آهيان، ان سان صوبي جي سُڃاڻپ روشن ٿيندي. واپاري اڳواڻن ملڪ جي ترقي ۾ پ پ جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيو، هن معاشي ترقي جون ڪيتريون ئي تجويزون پڻ پيش ڪيون.