اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگووين?? جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته بوسني?? جي وفد جي قيادت پرڏيهي و??ارت جي سيڪريٽري جنرل ايڊن دلبروو?? ڪئي. ڌرين اعليٰ اعتماد ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ماحول ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سموري دائري جو ٺوس جائزو ورتو. هنن سياسي، واپاري، اقتصادي، سماجي، انساني بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اه?? علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ايڊن دلبرووچ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان پڻ ملاقات پڻ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.