اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چي?? آهي ته 2022ع کان معيشت جي بحالي جون ڪوششون جاري آهن، اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي، روانگي واپار ۾ بهتري اچي رهي آهي، مهانگائي گهٽجي 7سيڪڙو رهجي وئي آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ 97 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري چڪي آهي، معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام، پاليسين ج?? تسلسل ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي کي هٿي ڏيڻي پوندي.اهڙو اظهار هن رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي انتظام هيٺ قومي پيداواريت، معيار ۽ جدت سمٽ 2024ع کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ ڪيو. ٻن ڏينهن واري هي سمٽ پيداواريت، معيار ۽ جدت جي ذريعي ترقي جي موقعن ج?? عنوان سان منعقد ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان کي پائيدار اقتصادي ترقي ۽ عالمي سطح تي چٽاڀيٽي وارو ماحول بڻائڻ لاءِ پيداواريت، معيار ۽ نواڻ کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چي?? ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ محدود وسيلن باوجود ڪيتريون ئي منزلون پار ڪيون آهن. اسان ستين ايٽمي طاقت آهيون ۽ جديد جهاز به تيار ڪري رهيا آهيون، پر ٻين ملڪن ج?? ڀيٽ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ پوئتي رهجي ويا آهيون.احسن اقبال ياد ڏياريو ته 1980ع ۾ پاڪستان ج?? في ڪس آمدني چي?? کان وڌيڪ هئي، پر اڄ بنگلاديش ۽ ڀارت اسان کي اقتصادي ترقي ۾ پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. هن چي?? ته هي فيصلو ڪرڻ جو وقت آهي ته اسان ايندڙ 30 سالن ۾ هڪ ڪامياب قوم طور سامهون اينداسين يا نه، هن 2013ع ۾ شروع ڪيل ويزن 2025ع جو ذڪر ڪندي چي?? ته ان منصوبي تحت ملڪ کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏياريو ويو ۽ دنيا پاڪستان کي مستقبل جي هڪ وڏي معيشت طور تسليم ڪيو، تنهن هوندي به 2018ع جي حڪومت ترقياتي منصوبن خاص ڪري سي پيڪ کي نقصان پهچايو جنهن سان معيشت جي رفتار سست ٿي وئي. هن چي?? ته 2022ع ۾ معيشت جي بحالي جون ڪوششون جاري آهن، اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي، روانگي واپار ۾ بهتري اچي رهي آهي، مهانگائي گهٽجي 7 سيڪڙو رهجي وئي آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ 97 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري چڪي آهي، معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان کي سياسي استحڪام، پاليسين ج?? تسلسل ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چي?? ته پيداواريت، معيار ۽ نواڻ کي اختيار ڪرڻ سان روانگي واپار کي 30 ارب ڊالرن کان وڌائي 100 ارب ڊالرن تائين وڌائي سگهجي ٿو. احسن اقبال اعلان ڪيو ته وزيراعظم جلد ئي فائيو ايز فريم ورڪ متعارف ڪرائيندو، جيڪو سمورن شعبن ۾ ترقياتي اصولن کي هٿي ڏيندو. پاڪستان هڪ منفرد طاقتور ملڪ آهي، اسان کي پنهنجي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيارڻو پوندو ۽ عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ بڻائڻي پوندي. رٿابندي واري سيڪريٽري اويس منظور سمرا چي?? ته پيداواريت رڳو محنت جو نالو ناهي پر هوشياري سان ڪم ڪرڻ جو نالو آهي، اسان کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، اڄ جو سيمينار حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته اسان معيشت کي ترقي جي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ تيار آهيون. هي سمٽ ماهرن، صنعتڪارن ۽ پاليسي سازن لاءِ هڪ اهڙو پليٽ فارم ثابت ٿيو جتي هن نظرين ج?? مٽاسٽا ذريعي پاڪستان ج?? معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي حڪمت عملين تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي.