اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اوليت ڏيو. ڊپٽي وزيراعظم آفيس طرفان ملڪ جي موجوده ص??رت??ال جي حوالي سان جاري بيان ۾ هن سوال ڪي?? ته سياسي احتجاج يا ملڪ جي عزت ۽ وقار سان سوچيل سمجهيل سازش ۽ راند؟ هن چي?? ته تحريڪ انصاف هر ڀيري احتجاج جو سڏ اهڙي وقت تي ڇو ٿي ڏي جڏهن اهم عالمي شخصيتون پاڪستان اچي رهيون هجن، توڙي اهي 14 آڪٽوبر تي چيني وزيراعظم جو ??ور?? هجي، 15 -16 آڪٽوبر تي ايس سي او سمٽ لاءِ دنيا جي سربراهن جو پاڪستان اچڻ هجي يا اڄ کان شروع ٿيندڙ بيلاروس جي صدر جو ??ور?? هجي، جنهن لاءِ سندس وزير ۽ اهم ڪاروباري شخصيتون پهچي چڪيون آهن. محمد اسحاق ڊار وڌيڪ چي?? ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اوليت ڏيو.