اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مير تڪرار جي من??فاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل هفتي چار ڪشميرين کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي ضلعي ڪشتواڙ جي مغل ميدان جي علائقي چاس ۾ ڀارتي فوج جي هڪ ڪئمپ ۾ شديد تشدد جو نشانو بڻا??و ويو. ترجمان چيو ته اهو واقعو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڦهليل اهڙي قسم جي زيادتين جي سلسلي ?? تازو واقعو آهي. ترجمان چيو ته اسان ان پريشان ڪندڙ واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته حراست ۾ ٿيندڙ تشدد جي ذميوارن جو احتساب ڪ??و وڃي.