اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) ??وم?? اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ووٽ هڪ مقدس امانت ۽ ??وم?? فرض آهي جنهن ذريعي عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو ۽ ملڪ جي رُخ جو تعين ڪري ٿو، جمهوريت جو بنياد عوام جي راءِ تي آهي، عوام پنهنجي حق ذريعي پنهنجي من پسند نمائندن کي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائين ٿا. اهڙو اظهار هن ??وم?? ووٽر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 7 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر چيو ته ه?? مضبوط ۽ فعال جمهوريت ??اءِ عوام جي ڀرپور شرڪت ضروري آهي. هن چيو ته ووٽ نه وِجهڻ دراصل پنهنجن حقن ۽ ذميدارين کان غفلت جي برابر آهي. هن ملڪ ۾ شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته نوجوانن ۾ ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوري عمل ۾ نوجوانن جي شرڪت سان نه صرف جمهوري?? مضبوط ٿئي ٿي پر ملڪي ترقيءَ لاءِ نيون راهون به کُلن ٿيون. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ عوام ۾ ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ جمهوري عمل کي مضبوط بنائڻ ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻڻ ل??ءِ پُرعزم آهي. ??وم?? ووٽر ڊي جي موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته ووٽ وِجهڻ هر شهريءَ جو آئيني حق ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جو ذريعو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ ل??ءِ ضروري آهي ته 18 سالن کان وڏي عمر جو هر شهري ووٽ ذريعي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وٺي. هن چيو ته جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ آئين جي بالادستي عوامي حقن جي تحفظ جي ضمانت آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پارليامينٽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ عوام ۾ ووٽ جي حق جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ل??ءِ پنهنجا قدم جاري رکندي.